جنرل ضياءُ الحق

جنرل ضياءُ الحق

ضياء الحق جنرل

ضياءُ الحق، جنرل: پاڪستان جو اڳوڻو صدر ۽ اڳوڻو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل محمد ضياءُ الحق 12 آگسٽ 1924ع تي ڀارت جي شهر جالنڌر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم جالنڌر ۽ دهليءَ مان حاصل ڪيائين. 1935ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري فوج ۾ ڀرتي ٿيو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران برما، ملايا ۽ انڊونيشيا ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. ورهاڱي بعد پاڪستان لڏي آيو. 1954ع ۾ کيس پاڪ فوج ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي ترقي ملي ۽ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۾ انسٽرڪٽر مقرر ٿيو. 1960ع کان 1968ع تائين هن هڪ ريجمينٽ جي قيادت ڪئي، اردن جي شاهي فوج ۾ خدمتون سر انجام ڏنائين، جنهن جي اعتراف ۾ شاهه اردن کيس ’ڪوڪب استقلال‘ جو لقب ڏنو. مئي 1969ع ۾ آرمرڊ ڊويزن جو ڪرنل ۽ پوءِ برگيڊيئر جي عهدي تي کيس ترقي ڏني وئي. 1973ع ۾ ميجر جنرل ۽ 1975ع ۾ ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تان ترقي ڏئي ڪور ڪمانڊر بڻايو ويو ۽ ان بعد پهرين مارچ 1976ع تي جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي کيس پاڪستان جو آرميءَ چيف مقرر ڪيو ويو. 1977ع ۾ جنرل ضياءُ الحق پوري ملڪ تي مارشل لا نافذ ڪري ڇڏيو پر هن جنرل ايوب خان ۽ جنرل يحيٰ خان وانگر آئين منسوخ نه ڪيو، بلڪه 1973ع جو آئين معطل ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته فوج جي مداخلت جو واحد مقصد آپريشن فرئير پلي آهي. يعني 90 ڏينهن اندر غير جانبدار ۽ شفاف چونڊون ڪرائي واپس هليا وينداسين پر اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي سخت مذمت ڪئي ۽ تحريڪ هلائي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پراڻي ۽ ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڀٽي تي سندس هڪ سياسي مخالف کي قتل ڪرائڻ جي سازش جو ڪيس هلايو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ هاءِ ڪورٽ پنجاب ذوالفقار علي ڀٽي کي موت جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ به ان ساڳئي فيصلي کي برقرار رکيو ۽ 4 اپريل 1979ع تي ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏئي شهيد ڪيو ويو. شهيد ذوالفقار علي جي سياسي قتل بعد مارشل لا اڻ ڄاڻايل مدي تائين جاري رهيو. جنرل ضياءُ الحق ڊسمبر 1984ع ۾ پنهنجي حق ۾ ريفرنڊم ڪرايو ۽ فيبروري 1985ع ۾ غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ڀٽو حمايتي ڌڙن هنن چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو. 1985ع وارين چونڊن ۾ محمد خان جوڻيجو وزير اعظم طور سامهون آيو. گڏيل راءِ تحت 30 ڊسمبر 1985ع تي مارشل لا کي ختم ڪيو ويو پر اڳتي هلي بي اعتمادي جي بنياد تي 29 مئي 1988ع تي جنرل ضياءُ الحق اٺين ترميم تحت محمد خان جوڻيجي ۽ ان جي حڪومت کي برطرف ڪندي نومبر 1988ع ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنرل ضياءُ الحق اسلامي نظام تحت زنا ۽ شراب جي ڏوهه تي ڪوڙن جي سزا متعلق حدود آرڊيننس ۽ زڪواة آرڊيننس نافذ ڪيو هو. هن وفاقي شرعي عدالت قائم ڪرڻ سان گڏ قاضي عدالتن، بغير وياج جي بئنڪاري توڙي سرمائيڪاري جو اهتمام ڪيو. جنرل ضياءُ الحق پنهنجي عهدي جو ناجائز فائدو وٺندي سنڌي سياسي ماڻهن کي سرعام ڪوڙا هڻايا ۽ روڊن تي قرآن کولي احتجاج ڪندڙن مٿان رولر گهمرائي پنهنجي وحشت کي برقرار رکيو. ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران سڪرنڊ روڊ تي فوج هٿان ڪيترائي ماڻهو احتجاج دوران شهيد ڪرايا. سندس دؤر ۾ ڀٽي خاندان پنهنجي پناهه خاطر جلاوطني قبول ڪئي. جلاوطني دوران ذوالفقار علي ڀٽي جي ننڍي پٽ شاهنواز ڀٽي کي زهر ڏئي قتل ڪرايو ويو، جنهن جو الزام ضياءُ الحق مٿان آيو. ضياءُ الحق پنهنجي مارشل لا کي ڊيگهه ڏيارڻ خاطر اسلامي نفاذ جو سهارو ورتو. ڪيترن ئي اديبن کي ’مجلس شوريٰ‘ جي پليٽ فارم تي آڻي گڏ ڪيائين، جنهن ۾ سنڌ جا ڪيترائي ناليوارا اديب ان شوريٰ جا ميمبر بڻيا. جنهن بعد کين 1985ع ۾ صدارتي اوارڊن ۽ ٻين تحفن سان پڻ نوازيو ويو. ضياءُ الحق پنهنجي حڪومتي دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي وني بيگم نصرت ڀٽو کي جيل موڪليو ۽ سرعام مٿس تشدد ڪرايو. جنرل ضياءُ الحق جو موت 17 آگسٽ 1988ع تي جهاز حادثي سبب ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.08.12  عيسوي

جنرل محمد ضياءُ الحق 12 آگسٽ 1924ع تي ڀارت جي شهر جالنڌر ۾ پيدا ٿيو.


1976.03.01  عيسوي

اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل محمد ضياءُ الحق کي پهرين مارچ 1976ع تي جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي کيس پاڪستان جو آرميءَ چيف مقرر ڪيو ويو.


1985.12.30  عيسوي

1985ع وارين چونڊن ۾ محمد خان جوڻيجو وزير اعظم طور سامهون آيو. گڏيل راءِ تحت 30 ڊسمبر 1985ع تي مارشل لا کي ختم ڪيو ويو


1988.05.29  عيسوي

بي اعتمادي جي بنياد تي 29 مئي 1988ع تي جنرل ضياءُ الحق اٺين ترميم تحت محمد خان جوڻيجي ۽ ان جي حڪومت کي برطرف ڪندي نومبر 1988ع ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو.


1988.08.17  عيسوي

جنرل ضياءُ الحق جو موت 17 آگسٽ 1988ع تي جهاز حادثي سبب ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دائي
ڀٽو مشتاق علي خان
امير علي شاهه
الهداد راهو
صالح گوپانگ ڊاڪٽر
قاضي سيف الدين
ميان غلام محمد خان ڀرڳڙي
اختر رند
خان خانان بيرام خان
ديو اُڌارام ناٿاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون